تذڪره روضة السلاطين

تذڪره روضة السلاطين

تذڪره روضة السلاطين

تذڪره روضة السلاطين (ڪتاب ):عوفيءَ جي تذڪري کان پوءِ، سنڌ اندر فارسي گو شاعرن متعلق هي ٻيو تذڪرو، ٺٽي ۾ سال 958هه/ 1551ع ۾ ’فخري هرويءَ‘ نالي هڪ بسيار نويس اديب لکيو. فخري هروي، سنڌ ۾ قيام دوران 961هه/1553ع کان 995هه/1586ع ۾ هي ڪتاب تاليف ڪري شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪيو. هي ڪتاب مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاهه حسن جي ڪارنامن بابت وڏي اهميت رکي ٿو. فخري سندس سوانح ۽ مدح ۾ چيل قصيدا ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن. ساڍن چئن سئو سالن بعد جڏهن هي نسخو دستياب ٿيو، ان بعد ان جي اصلي ليکڪ بابت ڄاڻ ملي. هي تذڪرو انهن حڪمرانن، وزيرن ۽ بادشاهن جو آهي، جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن. اوائل ۾ قاضي احمد ميان اختر جهوناڳڙهيءَ مرحوم کي هيءُ ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو، پر موت کيس اهو ڪم پورو ڪرڻ جي مهلت ڪانه ڏني. بعد ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب چئن نسخن جي آڌار تي هي تذڪرو ايڊٽ ڪيو، گڏوگڏ ان ۾ پنجين نسخي جو ڏس به ڏنو اٿس. هي تذڪرو ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب ۾ ست، ٻئي باب ۾ 11، ٽئين باب ۾ 37، چوٿين باب ۾ 12، پنجين باب ۾ 7، ڇهين باب ۾ 11 ۽ ستين باب ۾ صرف هڪ شاعر مرزا شاهه حسن بيگ ارغون جو ذڪر آهي. هيءُ ڪتاب 1968ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو، جنهن جي آخر ۾ قيمتي مواد تعليقات جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن چار سئو صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو